شيخ اسحاق ملا اربعائي

شيخ اسحاق ملا، اربعائي: نامور بزرگ ملا شيخ اسحاق اصل اچ جو رهاڪو هو، جتان پوءِ سنڌ آيو ۽ ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سيد علي شيرازيءَ جو همعصر هو. هدايت وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس صحبت ۾ اچي ڪيترائي ماڻهو پرهيزگار بڻجي ويا. هن 1567ع ۾ وفات ڪئي، سندس مزار ٺٽي جي مڪلي قبرستان ۾ آهي ۽ ان تي مقبرو اڏيل آهي، هر اربع جي رات ميلو لڳندو آهي ۽ نئين چنڊ جي پهرين اربع جي رات خاص ميلو لڳندو آهي. اربعا جي رات ملهائڻ ڪري مٿس ’اربعائي‘ جو نالو پئجي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو